جبار ’تاثير‘ سومرو

جبار ’تاثير‘ سومرو

جبار تاثير سومرو

جبار ’تاثير‘ سومرو: ناميارو شاعر جبار ’تاثير‘ ولد محمد ادريس سومرو، 15 جون 1953ع تي نصير آباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي شهر مان ورتائين. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ مان مئٽرڪ ڪري، دادوءَ جي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج مان انٽر، بي. اي ۽ ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) جا امتحان پاس ڪيا. ان بعد گورنمنٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل. ايل. بي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. ايڊ جي ڊگري ورتائين.
’ماسٽر آف ڊرائنگ‘ جو ڪورس پاس ڪري 1971ع ڌاري گورنمنٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ٿيو. عملي زندگيءَ ۾ هن مختلف شهرن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ 2013ع ۾ سينيئر ڊرائنگ ماسٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو.
جبار ’تاثير‘ شاعريءَ جو آغاز ننڍپڻ کان پنهنجي مامي ۽ نامياري شاعر اسحاق راهيءَ جي رهنمائيءَ ۾ ڪيو. نشتر ناٿن شاهي، خان مدهوش'>احمد خان مدهوش، م. ن محزن ۽ ٻين شاعرن جي صحبت ۾ رهيو. سندس شاعري ۽ نثري تخليقون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’آس جا ڏيئا‘ ڪنول پبليڪيشن قنبر 2013ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن نصير آباد شهر ۾ ’اسحاق راهي ادبي فورم‘ به قائم ڪيو آهي، جنهن جو صدر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.06.15  عيسوي

ناميارو شاعر جبار ’تاثير‘ ولد محمد ادريس سومرو، 15 جون 1953ع تي نصير آباد ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صابر ٿارياڻي
تنها سيف بخاري
اقبال رند
اياز قادري
بسنت ڪمار تياڳي رائچنداڻي
رحيم بخش قمر
ٽالپر ڪرم
پروانو ميراجي
ابراهيم منشي
اختر درگاهي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون